بدفعلي اسڪينڊل جو مک ڪردار سارنگ شر بريت بعد ٻيهر گرفتار

0
209

ٺري ميرواھ: ٽن شاگردن سان بدفعلي ڪرڻ جَي الزام ۾ گرفتاري بعد عدالت مان باعزت بري ٿيل ٺري ميرواھ واسي رٽائرڊ  استاد سارنگ شر کي ٺري ميرواھ پوليس ٻيهر گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو

سارنگ شر جي پٽ اسلم رضا شر موجب ڪجھه دير پهريان اوچتو ٺري ميرواھ پوليس اسان جي گهر  آئي جيڪا بابا کي گرفتار ڪري وئي وئي، جڏهن اسان ٿاڻي تي وياسين ته ايس ايڇ او چيو ته سارنگ شر جو بيان رڪارڊ ڪنداسين

پس منظر ۽ عدالتي ڪارروائي

خيرپور جي عدالت خميس ڏهاڙي جوابدار سارنگ شر کي ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي آزاد ڪري ڇڏيو هو

خيرپور ۾ فورٿ ايڊيشنل سيشن جج ثمينه منگيءَ جي عدالت اڍائي سال اڳ ٺري ميرواهه ۾ ٽن شاگردن سان بدفعلي ڪرڻ ۽ سندن وڊيو رڪارڊ ڪرڻ وارن ڪيسن ۾ ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي جوابدار سارنگ شر کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو

سارنگ شر طرفان شاگردن سان بدفعلي ڪرڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ شاگردن جي والدين طرفان دهشتگردي ايڪٽ تحت ٽي ڌار ڌار ڪيس داخل ڪرايا ويا هئا جنهن کانپوءِ پوليس سارنگ شر کي گرفتار ڪيو هو

دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪيسن مان دهشتگردي جا سيڪشن ختم ڪري ڪيس ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ڏانهن منتقل ڪيو ويو هو، جڏهن ته سيشن ڪورٽ ڪيس فورٿ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ڏانهن منتقل ڪيو هو

شاگردن سان بدفعلي ڪرڻ ۽ سندن وڊيو رڪارڊ ڪرڻ واري واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا، اليڪٽرانڪ ميڊيا توڙي پرنٽ ميڊيا ۾ اچڻ کانپوءِ هاءِ پروفائيل ڪيس بڻجي ويو هو

پوليس هاءِ پروفائيل ڪيس جي جوابدار خلاف عدالت ۾ ثبوت ئي پيش نه ڪيا، جنهن بعد عدالت سارنگ شر کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جوابدار سينٽرل جيل خيرپور مان آزاد ڪيو ويو