موٽر وي اسڪينڊل ۾ ڪرپشن جو اعتراف: مک جوابدار پئسا واپس ڪرڻ لاءِ راضي

0
278
موٽر وي اسڪينڊل ۾ ڪرپشن جو اعتراف
موٽر وي اسڪينڊل ۾ ڪرپشن جو اعتراف: مک جوابدار پئسا واپس ڪرڻ لاءِ راضي

حيدرآباد سکر موٽر وي اسڪينڊل ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، مک جوابدار پلي بارگين جي درخواست ڏئي ڇڏي آهي

ڪراچي: موٽر وي ڪرپشن اسڪينڊل ۾ نامزد مک جوابدارعاشق ڪليري ڊي جي نيب ڪراچي کي پلي بارگين جي درخواست ڏني آهي

مک جوابدار عاشق ڪليري درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته ڪرپشن جو پئسو واپس قومي خزاني  ۾ جمع ڪرائڻ لاءِ تيار آهيان

ذريعن موجب نيب جوابدار جي ملڪيتن  جو پتو لڳائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، جوابدار کان وصول ڪيل رقم ۽ ڪرپشن واري رقم  جي ڀيٽ ڪئي ويندي

نيب ذريعن موجب ملڪيتن جا تفصيل سامهون اچڻ بعد  جوابدار جي پلي بارگين جي درخواست تي فيصلو ڪيو ويندو