بخشاپور(ن پ ا) بخشاپور جي مرڪزي امام بارگاھ جي مک رستي تي گٽرن جو گندو پاڻي تلاء جي صورت بيھجي ويو آهي، جڏهن ته  شھر جي مختلف محلن  ڊومڪي محلا، ڀٽا محلا، سومرا محلا، ھندو محلا، چنا محلا، سومرا محلا، مڱريو محلا ۾  پڻ گندگي جا ڍير لڳي ويا آهن، صفائي نه ٿيڻ خلاف شھرين سيد اختر شاهه، سيد علي رضا شاھ،  فياض ڊومڪي، شڪيل ڊومڪي، ممتاز ڊومڪي ۽ ٻين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرين چيوته شهر ۾ گندگي جا ڍير آهن، ڪنو پاڻي رستن تي بيٺل آهي، نوٽيس وٺي پاڻي نيڪال ڪرائي صفائي ڪرائي وڃي.