مورو (ن پ ا) مورو جي گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج ۾ شاگردن جي تخليقي صلاحيتن کي اڀارڻ لاءِ سنڌ ڪاليج ٽيلنٽ ھنٽ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنھن جو مھمان خاص اسسٽنٽ ڪمشنر حسان ظفر، فرسٽ سول جج اينڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ شفقت حسين ڇڄڻ، هئا، ان موقعي تي پروفيسر افشان ڪانڌڙو، پروفيسر عبدالستار ابڙو، پروفيسر يوسف شيخ، پروفيسر تنوير مهيسر، پروفيسر رابعا ميمڻ، پروفيسر شازيا سولنگي، پروفيسر آمنا سحر ۽ ٻين چيو ته تاريخ ۾ پھريون ڀيرو سنڌ ڪاليج ٽيلنٽ ھنٽ ۾ ڪاليجن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تخليقي صلاحيتن کي اڀارڻ لاءِ پليٽ فارم مھيا ڪيو ويو آھي، جنھن ۾ ھم نصابي سرگرمين جا مقابلا ڪرايا ويا آھن ۽ ڪاليجن اندر مصوري، دستڪاري، مضمون نويسي، شاعري، ڊراما، راڳ، لوڪ رقص وغيره جا مقابلا پيا ٿين، هنن چيو ته ڪاليجز ۾ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن شاگردياڻين ۾ وڏو ٽيلنٽ موجود آهي، ان موقعي تي شاگردياڻين سائنسي نمائش، آرٽس ۽ دستڪاري، حسن قرات، هٿ سان لکڻ، ڳائڻ، ڊرامي، ڊرائنگ، ڪتاب جو جائزو وٺڻ جي مقابلي ۾ حصو ورتو.