بخشاپور (ن پ ا) بخشاپور ٽائون انتظاميا جي نااهلي سبب شهر گندگي جو ڍير بڻجي ويو شهري مير محمد ڄڇڻ سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ڪندي چيو ته بلدياتي اليڪشن کانپوءِ جن شهر کي پيرسن بڻائڻ جو چيو هو انهن ئي شهر تباهه ڪري ڇڏيو آهي، هر طرف گندو پاڻي بيٺل آهي، 22 لک کان مٿي ٽائون جي بجيٽ آهي، ٽائون آفيسر ۽ ايڊمنسٽيٽر ملازمن جون اڌ پگهار پاڻ کائي وڃن ٿا. هن الزام لڳائيندي چيو ته ٽائون ۾ ڀرتي ٿيل 12 ملازمن کي نوڪرين مان ڪڍيو ويو آهي جن جون پگهاريون ٽائون آفيسر وٺي رهيو آهي.  هن جو چوڻ هو ته اهڙي شڪايت بلديات جي سيڪريٽري کي ثبوتن سميت واٽسپ ڪئي آهي ۽ ڊي سي ڪشمور وٽ شڪايت کڻي پهتاسين ته هن چيو منهنجي هٿ ۾ ڪجهه به ڪونهي پيپلز پارٽي جي ماڻهن هٿان مان مجبور آهيان.ٽائون آفيسر شير علي ڊومڪي جو چوڻ هو ته ڊرينيج سسٽم مڪمل طور ناڪاره بڻيل آهي، ڊرينيج جي تعمير ۽ ترقياتي ڪمن لاءِ بجيٽ منظور ٿي هئي، جيڪا برساتن سبب رڪجي وئي هئي، هن چيو ته ڊرينيج لاءِ ٻيهر رقم منظور ٿي آهي، جيڪا هڪ مهيني اندر اچڻ بعد ڊرينيج جو ڪم ڪرائي شهرين جون تڪليفون ختم ڪيون وينديون.