ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو جي مختلف ڳوٺن جي برسات متاثرن جي واهرنه ٿيڻ ۽ شھر جي صفائي نه ٿيڻ خلاف سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرپرسن سنڌو نواز گانگهرو پاران ڌرڻي جي اعلان بعد پ پ ايم پي اي سرفراز شاهه جي پٽ مرتضيٰ شاهه ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪيون، جتي سنڌ ايڪشن ڪاميٽي پاران برسات متاثرن جي واهر ۽ ڪنڊيارو شھر ۾ صفائي سٿرائي سميت لائبريري سميت سمورا مطالبا پيش ڪيا،  ڳالهين ۾ مرتضيٰ شاهه برسات متاثرن جي واهر ۽ شھر جي سمورن مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائي جنهن بعد احتجاج جي ڪال واپس ورتي وئي، ان موقعي تي سنڌو نواز گانگهرو چيو ته مرتضيٰ شاهه خاطري ڪرائي جنهن تي اسان احتجاج جي ڪال واپس ورتي آھي، مرتضيٰ شاهه چيو ته برسات متاثرن کي اسان اڳ به نه ڇڏيو آهي، هاڻي به سندن واهر ڪنداسين، جڏهن ته صفائي لاءِ ايڊمنسٽريٽر کي چئي ڇڏيو آهي.