گمبٽ (ن پ ا) گمس اسپتال گمبٽ ۾ خيرپور ضلعي جي 15 مريضن جو ڪامياب لِور ٽرانسپلانٽ ٿيڻ تي ڪيڪ ڪٽي بهتر صحت لاءِ دعا گهري وئي. ڊائريڪٽر گمس ڊاڪٽر حيم بخش ڀٽي، ڊائريڪٽر هيلٿ سکر، ڊي ايچ او خيرپور ۽ لِور سرجن مريضن سان گڏجي ڪيڪ ڪاٽيو. ان موقعي تي ڊائريڪٽر گمس ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي، لِور سرجن عبدالوهاب ڊوگر ۽ ٻين جو چوڻ هو ته گمس ملڪ جو واحد ادارو آهي جتي ڪامياب لِور ٽرانسپلانٽ ٿيا آهن، ڪجهه ماڻهو گمس خلاف بنا جواز پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن. حقيقت اها آهي ته هن وقت تائين 650 کان وڌيڪ ڪامياب لِور ٽرانسپلانٽ ٿي چڪا آهن، سمورا مريض بلڪل صحتياب آهن. ان موقعي تي ڊائريڪٽر گمس ۽ ٻين مريضن سان گڏجي ڪيڪ ڪاٽيو ۽ بهتر صحت لاء دعا پڻ گهري وئي.