موهن جو دڙو (ن پ ا ) ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي پاران آل پاڪستان ايليٽ انسٽيٽيوٽشنز ٽيلينٽ ڪانٽيسٽ (ايپٽيڪ) شروع ٿي ويو، جيڪو ٻه ڏينھن جاري رھندو. جنھن ۾ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو، ڪيڊٽ ڪاليج پنوعاقل، ڪيڊٽ ڪاليج گھوٽڪي، ڪيڊٽ ڪاليج خيرپور، ڪيڊٽ ڪاليج ڪرمپور، شھيد بينظير ڀٽو ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو، پاڪستان ميرين اڪيڊمي ڪراچي، زيبيسٽ انٽرميڊيٽ ڪاليج لاڙڪاڻو، پبلڪ اسڪول حيدرآباد، ڊويزنل پبلڪ اسڪول فيصل آباد، ڪيڊٽ ڪاليج مستونگ سوڌو ملڪ جي 25 کان مٿي اعليٰ تعليمي ادارن جي استادن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي. تقريب ۾ شھيد محترمه بينظير ڀٽو گرلز ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي پرنسپال برگيڊيئر رٽائرڊ عثمان رفيق مھمان خاص طور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي پرنسپال برگيڊيئر رٽائرڊ غلام رضا چيو تي ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو ملڪ جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ شمار ٿئي ٿو، جيڪو ملڪ جي نوجوانن کي بھتر تعليم سان گڏ بھتر تربيت پڻ فراھم ڪري رھيو آھي. ھن وڌيڪ چيو ته ملڪ جي ترقي لاءِ نوجوانن کي معياري تعليم سان گڏ مسلسل محنت ۽ جاکوڙ  جي ضرورت آھي. نوجوانن کي پنھنجي والدين ۽ استادن جو تمام گھڻو احترام ڪرڻ گھرجي. نوجوان معاشري جا اھم فرد آھن. انھن کي ڪردار سازيءَ طرف ڌيان ڏيڻ گھرجي. ھن وڌيڪ چيو ته استادن کي شاگردن کي بھتر تعليم سان گڏ اخلاقيات جا سبق پڻ پڙھائڻ گھرجن. ايپٽيڪ مقابلن جو مقصد ملڪ جي نوجوانن کي ھڪ اھڙو موقعو فراھم ڪرڻ آھي جنھن ۾ انھن جون صلاحيتون نمايان ٿي سگھن. برگيڊيئر رٽائرڊ غلام رضا وڌيڪ چيو ته اسان جي سماج ۾ عورتن کي پڻ ھر ميدان ۾ اڳتي اچڻ گھرجي ۽ انھن کي جيڪي به موقعا ملي رھيا آھن تن ۾ اھي پنھنجو پاڻ ملھائي رھيون آھن. تقريب دوران ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي ڪيڊٽس مختلف گيتن تي ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا. تقريب دوران ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان آيل تعليمي ادارن جي شاگردن تقريربازي، مضمون نگاري، اسڪوائش، بيڊمنٽن جي مقابلن ۾ حصو ورتو، ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي ۽  ڪيڊٽ ڪاليج سانگھڙ جي ٽيمن اسڪوائش جي فائنل ۾ جاءِ ٺاھي ورتي. جڏھن ته ڊويزنل پبلڪ اسڪول فيصل آباد ۽ ڪيڊٽ ڪاليج گھوٽڪي جي ٽيمون فائنل ۾ پھچي ويون، تقرير بازيءَ جي مقابلي ۾ ڊويزنل پبلڪ اسڪول فيصل آباد جي شاگرد عبدالرحمان پھرين پوزيشن. گرلز ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي جي شاگردياڻي مليڪا دشتي ٻي پوزيشن ۽ پبلڪ اسڪول حيدرآباد جي شاگردياڻي بسما ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي، ان موقعي تي تقريب جي آخر ۾ مھمان خاص تمام شاگردن جي صلاحيتن جي تعريف ڪئي ۽ انھن ۾ انعام پڻ ورھايا.