بخشاپور (ن پ ا) ڊپٽي ڪمشنر  ڪشمور ارڙي مهم جو جائزو وٺڻ لاءِ بخشاپور پهتو، ڊي سي ٽي ايم او آفيس ۾ نه هجڻ، ايم سي ايچ ۾ ڊبليو ايم او، هائير سڪينڊري اسڪول ۾ هيڊ ماستر نه هجڻ ۽ گرلز پرائمري اسڪول ۾ استاد ۽ شاگردن جي غير موجودگي  تي  ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڪشمور ضلعي اندر ميونسپل ۽ تعليم کاتو پنهنجو ڪم صحيع نموني سان نٿو ڪري، ان لاءِ اعليٰ عملدارن کي لکي رهيا آهيون. ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور اسسٽنٽ ڪمشنر کي هدايتون ڏنيون ته صحت، تعليم کي بهتر ڪرڻ لاءِ  پنهنجي تعلقن اندر اوچتو وزٽ ڪن.