ورڪشاپ (ن پ ا) ورڪشاپ ۽ ڀرپاسي ناياب نسل جي پرديسي پکين جي شڪار خلاف وائلڊ لائيف عملدارن ڪارروائي ڪري پکين کي ڦاسائڻ لاءِ لڳل وينجھار ھٿ ڪري ورتا، وائلڊ لائيف کاتي جي عملدارن پکين جي شڪار جي اطلاع تي چوٽياريون ڊيم پھچي ڪارروائي ڪئي، ان موقعي تي گيم آفيسر اسد مري ٻڌايو ته شڪار جي اطلاع تي چوٽياريون ڊيم پهچي ڪارروائي ڪئي، ڊيم ۾ پرديسي پکين کي ڦاسائڻ لاءِ لڳل وينجھار ھٿ ڪيا آھن، هن چيو ته اسان وٽ عملي ۽ گاڏين جي کوٽ آھي، تنھن جي باوجود شڪارين خلاف ڪارروايون ڪريون پيا، ڪنهن  کي به پرديسي پکين جي شڪار جي اجازت نه ڏني ويندي.