حيدرآباد (بيورو رپورٽ) عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر ۽ سينيئر قانوندان ايڊووڪيٽ سجاد چانڊيو پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هو سمجھن ٿا ته پ پ ڊڪٽيٽرشپ واري دور جي ياد تازي ڪري ڇڏي آھي. هن چيو ته سنڌ جو عوام پ پ کان پڇي ٿو ته 12 مئي ته ڪراچي ۾ پ پ اڳواڻن مٿان فائرنگ ٿي جنهن ۾ 50 کان وڌيڪ شھري مارجي ويا هئا. ان واقعي بابت دھشتگردي جون ڪيتريون ايف آءِ آرز داخل ڪيون ويون هيون جڏهن ته وڪيلن کي باھيون ڏنيون ويون. ان دوران اهڙي نوعيت جا ڪيترا ڪيس داخل ٿيا. شھيد محترمه بينظير ڀٽو جڏھن ڏيهه پهتي ته ڪارساز وٽ سندس استقبال دوران 150 کان وڌيڪ ماڻهو بم ڌماڪي ۾ مارجي ويا ان دوران ڪيتريون ايف آءِ آرز داخل ٿيون هيون. ھن چيو ته سپريم ڪورٽ بحريا ٽائون کي ڌاڙو قرار ڏنو آھي جنهن لاءِ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي سنڌ واسين پرامن احتجاج ڪيو. ان جي ڏوھ ۾ 10 ھزار ماڻهن مٿان دھشتگردي جا ڪيس داخل ڪرايا ويا آهن جنهن مان سڌي ريت واضح ٿئي ٿو ته پيپلزپارٽي هاڻي جمهوري پارٽي نه رهي آهي. پ پ سنڌ مٿان لڳندڙ ڌاڙن ۾ برابر جي شريڪ آهي. هن چيو ته بحريا ٽائون واقعي ۾ رڳو ملڪ رياض نه پر پيپلزپارٽي به شامل آهي.