نيو جرسي (پ ر) سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) جي صدر خالد چنا سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي بحريا ٽائون سميت مختلف بلڊرن کي سرڪاري زمينن جي غيرقانوني الاٽمينٽ کي روڪيو وڃي. هڪ بيان ۾ هن چيو ته سنڌ جون سڀ زمينون ۽ وسيلا سنڌ جي ماڻهن جا آهن ، اهي صرف سنڌ جي ماڻهن جي مفادن لاءِ استعمال ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته سنڌ حڪومت کي ان سلسلي ۾ شفاف پاليسي ٺاهي ان جي پيروي ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته سانا سنڌ واسين جي هلندڙ جدوجهد جي مڪمل حمايت ڪري ٿي، هن چيو ته قوم پرست پارٽين جي ڪارڪنن خلاف ڪارروايون بند ڪري سمورن گرفتار ماڻهن کي آزاد ڪيو وڃي ، جڏهن ته بحريا واقعي جي تشدد جي جاچ لاءِ اعليٰ سطحي غير جانبدار عدالتي ڪميشن قائم ڪئي وڃي.