ملير (رپورٽر) بحريا ٽائون ڌرڻي ۽ ڀڃ ڊاھ توڙي باھ وارن واقعن ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي، صنعان خان قريشي، سيد جلال محمود شاھ، خالق جوڻيجو سميت وڌيڪ 10 هزار ماڻھن خلاف گڏاپ ٿاڻي تي 4 ڌار ڌار ايف آء آرون داخل ڪيون ويون آهن، جنهن بعد واقعي ۾ ڪل ايف آء آرن جو انگ 22 ٿي ويو . گڏاپ ٿاڻي تي متاثر اسٽيٽ ايجنٽن ۽ ٻين پاران جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ، ايس ٽي پي سربراھ ڊاڪٽر قادر مگسي ، ايس يو پي سربراھ سيد جلال محمود شاھ ۽ خالق جوڻيجو سميت 10 هزار نامعلوم ماڻھن مٿان گڏاپ ٿاڻي تي 4 ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا ، جنهن بعد واقعي ۾ داخل ڪل ڪيسن جو انگ 22 ٿي ويو .