ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾پرنٽنگ پريس تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن جي چڙهائي، 2 ڄڻا گرفتار : ڪمپيوٽر ۽ ٻيو رڪارڊ قبضي ۾ ورتو ويو، ان ڏس ۾ گذريل ڏينهن شام جو پاڪستان چوڪ واري علائقي واقع صدرالدين پرنٽنگ پريس تي قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي اهلڪارن ڪارروائي ڪئي، ڪارروائي دوران اهلڪارن پرنٽنگ پريس ۾ گرافڪس جو ڪم ڪندڙ نور احمد مسڻ ۽ سيف علي ٿهيم کي گرفتار ڪري ورتو ، ان حوالي سان پرنٽنگ پريس جي مالڪ صدرالدين ٿهيم ٻڌايو ته شام جو تقريبن ساڍي 6 هين وڳي 5 موبائلن ۾ سوار اهلڪارن پريس ۾ داخل ٿي ڪمپيوٽر قبضي ۾ ورتو، اهي نور احمد مسڻ ۽ سندس پٽ سيف ٿهيم کي پاڻ سان گڏ وٺي ويا، هن چيو ته اهلڪار سي سي ٽي وي ڪيميرا ئن جو سسٽم به پاڻ سان گڏ کڻي ويا آهن، هن ٻڌايو ته اسان بحريا ٽائون خلاف ڌرڻي جو هڪ بينر ڊزائين ڪيو هو، جنهن جي پرنٽنگ اسان نه ڪئي آهي، ٿي سگهي ٿو ته ان سلسلي ۾ هي ڪارروائي ٿي آهي، هن مطالبو ڪيو ته سندس پٽ ۽ ملازم کي آزاد ڪيو وڃي