ملير(رپورٽر) بحريا ٽائون جي سيڪيورٽي عملي پاران 2 پورهيتن جا هٿ پير ٻڌي  تشدد  ڪرڻ جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي،  وڊيو بابت سوشل ميڊيا تي ٻڌايو پيو وڃي ته بحريا ٽائون جي سيڪيورٽي عملي پاران لوهي سريو چوري ڪرڻ جي الزام هيٺ  2 پورهيتن کي پڪڙي سندن هٿ پير ٻڌي مٿن تشدد ڪيو پيو وڃي، ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او گڏاپ ذوالفقار آرائين پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته سوشل ميڊيا تي  هلندڙ وڊيو بابت کيس خبر ناهي ته اها ڪهڙي واقعي جي يا ڪڏهن جي آهي؟ هن چيو ته  هڪ هفتو اڳ بحريا ٽائون جي ٺيڪيدار پاران سريو چوري ڪرڻ جي الزام هيٺ 7 مزدورن کي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو هو.  جن خلاف  ايف آءِ آر  داخل ڪري کين جيل اماڻيو آهي