سکر (بيورو رپورٽ) باگڙجي ٻيلي مان ماحول دشمن بااثر ماڻهن لکين رپين جا قيمتي وڻ وڍرائي ڇڏيا. ٻيلي کاتي سکر جي آفيسرن خاموشي اختيار ڪري ورتي. سکر ڀرسان  باگڙجي ٻيلي ۾ قيمتي وڻن جي واڍي جو سلسلو رڪجي نه سگهيو. اکين ڏٺن شاهدن موجب باگڙجي ٻيلي مان لکين رپين جو قيمتي ڪاٺ وڍي گڏهه گاڏن ۽ ٽريڪٽر ٽرالين تي کڻي وڪرو ڪيو پيو وڃي. ان باوجود ٻيلي کاتي سکر جا آفيسر ۽ باگڙجي پوليس ڪارروائي ڪرڻ بدران خاموشي اختيار ڪري ورتي. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته باگڙجي ٻيلي مان بااثر سرعام وڻن جي واڍي ڪرائي رهيا آهن. هنن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته وڻن جي واڍي کي فوري طور روڪي ملوث ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيا وڃن.