ميرپورخاص/ڪوٽ غلام محمد (نمائندن وٽان) ميرپورخاص ويجهو ڳوٺ شھمير رند ۾ پراسرار بيماري وگھي فوت ٿيل معصوم 7 ٻارڙن جي موت جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگھيو آهي، ڪالهه ڳوٺ شھمير رند ۾ صحت کاتي پاران ميڊيڪل ڪيمپ قائم ڪئي وئي، جنھن ۾ ٽي بي پروگرام موبائل ليب قائم ڪرڻ سميت مختلف بيمارين جون ٽيسٽون ڪيون ويون، ڪيمپ ۾ ڊاڪٽر ڀواني شنڪر، ڊاڪٽر ڀاڳچند، ليڊي ڊاڪٽر فائزا، ڊاڪٽر مومل، نظير احمد سولنگي، ڊاڪٽر پرڀات گر، ڊاڪٽر الله ڏتو لغاري ۽ ٻين ڳوٺاڻن کي تپاسيو، صحت کاتي پاران جوڙيل سموريون ٽيمون پروفيسر ۽ ماھر ڊاڪٽر پراسرار بيماري جو ڪارڻ ۽ ٿيل موت جو سبب معلوم ڪرڻ ۾ ناڪام بڻيل آهن، ٽيمن جو چوڻ ھو ته مختلف بيماري جي مريضن جون مختلف ٽيسٽون ڪري انھن جو علاج ڪري دوائون ڏنيون ويون آھن ۽ جيڪي ٻارڙا فوت ٿي چڪا آھن انھن جي والدين جي طبي چڪاس ڪئي آھي، جيڪي ٻار بيمار آھن، انھن جا سيمپل ورتا ويا آھن، جيئن خبر پئجي سگھي ته ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو ڪارڻ ڪھڙي بيماري آھي، هوڏانهن 14 ورھين جي ھڪ نينگري فاطمه رند جي حالت خراب ٻڌائي پئي وڃي، جنهن کي ميرپورخاص سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتي سندس علاج ھلندڙ آھي، رابطو ڪرڻ تي پنھنجي اخبار کي ڊي ايچ او جئرام داس ٻڌايو ته ٻئي ڏينهن به اي پي آءِ پروگرام جي ڊائريڪٽر پاران جوڙيل ٽيم ڪراچي کان پھتي ھئي، گذريل ڏينهن به ڊي جي ھيلٿ سنڌ پاران جوڙيل ٽيم حيدرآباد ۽ ميرپورخاص مان جوڙيل اسان جي ٽيمن مختلف سيمپل ورتا ۽ ايڪسري ڪيا، هن چيو ته ھن وقت تائين ڪا به خبر پئجي ناھي سگهي نه وري ڪجھه چئي سگھجي ٿو، ٻئي پاسي بيماري جو پتو نه پئجي سگهڻ سبب علائقي ۾ خوف واري صورتحال برقرار آهي.