وارث ڏنو ماڇي (ن پ ا) وارث ڏنو ماڇي ڀرسان وڏاٻوسڻ جو رھواسي ٽيڪسي ڊارئيور محمد عمر ٻوسڻ ڊارمائي انداز ۾ گھر پھچي ويو. نوجوان گھر پھچڻ تي سندس وارثن ۾ خوشي جي لھر ڇائنجي وئي. ان موقعي تي ٽيڪسي ڊارئيور محمد عمر ٻوسڻ صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته   رتيديري کان وڏاٻوسڻ وڃي رھيو ھيس ته 6 ھٿياربند اغوا ڪري ويا. هن چيو ته وجهه وٺي ڀڄي پڪي تي پھتس، جتان رتوديرو ٿاڻي تي پھچي پوليس کي حقيقت بابت اگاھ ڪيو.  پوليس وارثن کي گھرائي انھن جي حوالي ڪيو ويو، هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ميڊيا سميت سڀني دوستن جو ٿورائتو آھيان، جن منھنجي بازيابي لاءِ آواز اٿاريو آهي.