ميرپور بٺورو (ن پ ا) ميرپوربٺوريو ويجهو پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلي جي نتيجي ۾ 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته هڪ فرار ٿي ويو. انهي سلسلي ۾ ميرپوربٺورو جي کورواھ روڊ وٽان پوليس پاران ٻن ڄڻن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، ايس ايڇ او ميرپور بٺورو شبير چانڊيو ٻڌايو ته گشت دوران کورواھ ميرپوربٺورو روڊ تي ڏوهي واردات جي ارادي سان لڪي ويٺل همراهن کي سوگهو ڪيو ته ڏوهارين مزاحمت ڪئي جنهن بعد پوليس مقابلي بعد ٻن ڄڻن کي هٿيارن سميت گرفتار ڪيو ويو آهي جن مان هڪ جي سڃاڻپ گلشير ملاح طور ٿي آهي جيڪو سجاول ۽ ميرپوربٺورو ۾ ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گهربل آهي جڏهن ته ٻئي جوابدار جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي، سندن ٽيون ساٿي اونداهي جو موقعو وٺي فرار ٿي ويو آهي، ھوڏانھن زخمي ڦورو کي تعلقي اسپتال ميرپوربٺورو منتقل ڪيو ويو جتي کيس طبي امداد ڏيڻ بعد ٿاڻي نيو ويو آهي