ڪيرالا(انٽرسٽنگ نيوز) ڀارتي شهري بالا ڪرشنن پلائي هڪ اهڙي منفرد بيمايءَ جو شڪار آهي جنهن سبب اهو ناريل کائڻ ۽ هن جو پاڻي پيئڻ کان علاوه ڪجهه کائي پي نٿو سگهي. 64 سالن جي بالا ڪرشنن کي گيسٽرو ايسوفوگيل ريفلڪس نالي مرض آهي ان ۾ مريض جيڪو ڪجهه کائيندو آهي اهو الٽي سبب نڪري ايندو آهي گهمڻ ڦرڻ جي قابل به نه رهندو آهي. ان جي علاج طور تي بالا ڪرشنن 28 سالن کان صرف ناريل کائي رهيو آهي. بالا ڪرشنن جيڪو نوجواني ۾ فٽبال جو رانديگر هو هن کي اهڙي بيماري 35 سالن جي عمر ۾ ٿي، ان جي ڪري اهو جيڪو ڪجهه به کائيندو آهي ان جي معدي کان ايسوفيگس ۾ هليو ويندو هو ۽ پوءِ الٽي ٿيندي هئي. هن کائڻ پيئڻ جون ڪيتريون ئي شيون خوراڪ طور استعمال ڪيون پر هر ڀيري هن سان ايئن ئي ٿيو ۽ معدو انهن کي هضم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. لاڳيتو الٽين ۽ خوراڪ نه ملڻ سبب اهو انتهائي ڪمزور ٿي گهمڻ ڦرڻ جي قابل نه رهيو جنهن کانپوءِ هن ناريل ۽ هن جو پاڻي پيئڻ شروع ڪيو ۽ ناريل هن کي فائدو ڏنو ۽ اهو تندرست ٿيڻ لڳو جنهن کانوءِ هاڻي اهو ان تي زنده آهي.