ميرپورٻرڙو(ن پ ا) ميرپورٻرڙو لڳ ڳوٺ بدرالدين کوسو ۾ ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيڻ کان بچي ويل ناري ثمينه کوسو کي سول ڪورٽ ٺل ۾ پيش ڪيو ويو.ثمينه کوسو پنهنجي ڀاءُ غلام عباس ٻرڙو سان وڃڻ جو بيان ڏنو.عدالت پنج لک جي ضمانت عيوض ثمينه کوسو کي ڀاءُ حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو،ياد رهي ته ٻہ ڏينهن اڳ ناريءَ ثمينه کوسو کي مڙس صدام کوسو ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي جنهن کي پوليس بچائي ورتو هو.