باڊھه ( ن پ ا ) باڊھه جي پيارو ساريو پاڙي ۾ 7 ورهين جي يتيم نينگر محبت پٽ غلام سرور ابڙو سان جوابدار  عرفان ساريو مبينا طور بدفعلي ڪئي. سعيد ابڙو باڊھه ٿاڻي تي عرفان ساريو خلاف اين سي داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته ڀاءَ محبت شام جو گم ٿي ويو، رات جو دير سان گهر موٽي آيو، اسان کي ڪجھه ماڻھن ٻڌايو ته عرفان ساريو منهنجي ڀاءُ سان بدفعلي ڪئي آهي، هوڏانهن نينگر کي ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ پوليس ليٽر ڏئي باڊھه اسپتال  منتقل ڪيو. ٻئي طرف ايم ايس ۽ ميڊيڪو ليگل آفيسر باڊھه ڊاڪٽر عبدالغفار ڪانڌڙو رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته نينگر ۽ جوابدار جا  جزا وٺي ڊي اين اي لاءِ ليبارٽري ڏانهن موڪلبا.