حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ٽنڊو يوسف جي علائقي گلشن خير محمد ۾ پٺاڻ برادري  جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو. جهيڙي دوران فائرنگ ۾ هڪ راهگير گولي لڳڻ سبب زخمي ٿيو. اطلاع تي ٽنڊو يوسف ٿاڻي جي پوليس پهچي زخمي کي علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو. پوليس موجب جھيڙي دوران فائرنگ سبب گهٽي ۾ گذرندڙ راهگير طاهر خان پٺاڻ گولي لڳڻ سبب مرڻينگ ٿيو. اقعي ۾ ملوث ماڻهن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن.