ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ 4 ٽي ٽونئٽي ميچز تي ٻڌل سيريز اڄ کان شروع ٿيندي، ميزبان ٽيم جا 5 رانديگر اڳ ئي آءِ پي ايل لاءِ ڀارت پهچي ويا آهن، وين ڊر ڊيوسن کانپوءِ ڪپتان باوما به انجري جو شڪار ٿيڻ سبب سيريز مان ٻاهر ٿي ويو آهي، سيريز ۾ هوم ٽيم جي قيادت هينرخ ڪلاسين ڪندو. ون ڊي سيريز ۾ اوپنر فخر زمان 3 ميچز ۾ 2 سينچريز جي مدد سان 302 رنز ٺاهي سيريز جو بهترين رانديگر ٿيڻ سان گڏ ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ ۾ به جاءِ ٺاهي آهي. اسپاٽ فڪسنگ ۾ پابندي کي منهن ڏيندڙ شرجيل خان کي به 4 سالن بعد اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.