لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ڪرڪيٽ ڪميٽي جي چيئرمين سليم يوسف چيو آهي ته ڏکڻ آفرڪيا خلاف سيريز کانپوءِ ٻيهر ٽيم منيجمينٽ کي گهرائينداسين، جتي ٽيم جي خوبين ۽ ڪوتاهين تي ويچاريو ويندو. سليم يوسف چيو ته ڏکڻ آفريڪا جي ڪامياب دوري بعد ٽيم مينجمينٽ کي گهرايو آهي، ٽيم جي ڪاميابي تي سڀ خوش آهيون. هن چيو ته جڏهن ٽيم ٽور تي هجي ته ان دوران ڪميٽي جي ميٽنگ گهرائڻ مناسب ناهي، ٽيم جي مڊل آرڊر ۾ بهتري جي گنجائش آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڏکڻ آفريڪا خلاف ڏهرين ۽ ٽين ون ڊي ميچز ۾ قومي ٽيم پرفارمنس بهتر هئي، ٻين ميچ ۾ ڪجهه ڪوتاهيون نظر آيون هن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهيئ