ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)  شپنگ جو اڳوڻو وفاقي وزير بابر غوري اڄ  ڪراچي پهچندو، سنڌ هاءِ ڪورٽ  بابر غوري جي ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ( ڪي پي ٽي ) ۾ 900 کان وڌيڪ غيرقانوني ڀرتيون ڪرڻ ۽ مني لانڊرنگ وارن 2 ڪيسن ۾ حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي. ڪالهه بابر غوري جي وڪيل  عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته بابر غوري ڏيهه واپس اچي ڪيسن کي منهن ڏيڻ چاهي ٿو، انهي ڪري سندس عبوري ضمانت منظور ڪريو، وڪيل وڌيڪ چيو ته بابر غوري وطن واپسي لاءِ غير ملڪي جهاز ۾ 23 جون جي ٽڪيٽ به بوڪ ڪرائي ڇڏي آهي، عدالت بابر غوري جي وڪيل جي استدعا منظور ڪندي هڪ هڪ لک رپين جي بانڊ عيوض حفاظتي ضمانت منظوري ڪري ورتي آهي، عدالت بابر غوري کي 5 جولاءِ تائين لاڳايل عدالت ۾ پيش ٿيڻ جي به هدايت ڪري ڇڏي،  ياد رهي ته بابر غوري مارچ 2015 کان پرڏيهه ۾ ترسيل آهي، مٿس ڪي پي ٽي ۾ 900 کان وڌيڪ غيرقانوني ڀرتيون ڪرڻ جو الزام آهي، نيب سندس خلاف احتساب عدالت ۾ ريفرنس به داخل ڪري چڪي آهي، ريفرنس ۾ ڪي پي ٽي جو اڳوڻو چيئرمين،  ايم ڪيو ايم جو ايم پي اي محمد حنيف ۽ ٻيا نامزد ٿيل آهن، بابر غوري خلاف مني لانڊرنگ جو  ڪيس اسلام آباد ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي.