نوابشاهه (بيورو رپورٽ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، پ پ ايم پي اي فريال ٽالپر، صوبائي وزير عذرا فضل پيچوهو جي ويڳي امڙ ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڏاڏي زرين آرا عرف چمني بيگم ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري وئي، سندس مڙهه اڄ زرداري ھائوس نوابشاهه آندو ويندو، جتي جنازي نماز بعد مڙهه فقير بالو جا قبا ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي والد حاڪم علي زرداري جون ٻه شاديون ٿيل ھيون، بلقيس بيگم اڳ ئي فوت ٿي چڪي آهي، جڏهن ته بلقيس بيگم آصف علي زرداري، فريال ٽالپر ۽ عذرا فضل پيچوهو جي سڳي امڙ ۽ زرين آرا ويڳي امڙ ھئي، ٻئي پاسي صدر عارف علوي، وزير اعظم شهباز شريف، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف، ڊپٽي اسپيڪر ۽ ٻين ڏک جو اظهار ڪندي آصف زرداري سان تعزيت ڪئي آهي،