بابر اعظم خلاف حاميزه جي بيان جي ڪاپي پيش ڪرڻ جو حڪم

0
304

لاهور (اسپورٽس نيوز) لاهور هاءِ ڪورٽ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم خلاف ڪيس داخل ڪرائيندڙ عورت جي بيان ۽ پوليس رپورٽ جون ڪاپيز گهري ورتيون آهن. جسٽس محمد وحيد خان بابر اعظم جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ بابر اعظم پاڻ خلاف ڪيس کي چيلينج ڪيو آهي. بابر اعظم جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته سيشن ڪورٽ حاميزه مختار نالي عورت جي درخواست تي ڪرڪيٽر خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو، پر عورت سان ٺاهه ٿي ويو آهي. عدالت سوال ڪيو ته ٺاهه بابت متاثر عورت جي بيان جي ڪاپي آهي، اها درخواست ۾ شامل ڇو ناهي؟، ان کانسواءِ اوهان جي دليلن جي ڪهڙي اهميت آهي؟ وڪيل ٻڌايو ته سمورو رڪارڊ پوليس وٽ آهي، عدالت عورت جي بيان جي ڪاپي 29 جون تائين پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.