جسقم جي سڏ تي ڪوٽڙي ۾ جزوي هڙتال، 6 ڄڻا گرفتار

0
232

ڪوٽڙي(ن پ ا) جسقم جي سڏ تي ڪوٽڙي ۾ جزوي هڙتال، جسقم جي چيئرمين صنعان خان قريشي جي گرفتاري خلاف ڏنل هڙتل جي سڏ تي شهر جا اڪثر علائقا کليل رهيا، رات دير سان جسقم ڪارڪنن مٿان بغاوت جي داخل ڪيل ڪيس کان پوءِ ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپن جو سلسلو جاري آهي، پوليس مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي جسقم اڳواڻ علي بخش ڪابورو، خالق پنهور سميت 6 ڄڻا گرفتار ڪري ورتا، جسقم ڪارڪننن سميت مقامي قومپرست اڳواڻ روپوش ٿي ويا، صنعان خان قريشي جي گرفتاري خلاف ڪيل احتجاج کان پوءِ ڪوٽڙي پوليس احتجاج ڪندڙن قاري وزير مجاهدي، مختيار چنا،خالق پنهور، علي بخش ڪابورو سميت 18 نامعلوم تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، داخل ڪيل ڪيس ۾ ايس ٽي پي اڳوڻ امجد مستوئي به شامل آهي، اڳواڻن پاران ڪارڪنن مٿان اغوا ڪيس داخل ڪرڻ ۽ گرفتارين جي مذمت ڪندي، احتجاج جو چتاءُ ڏنو ويو آهي.