گاجي کهاوڙ: ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

0
193

گاجي کهاوڙ (ن پ ا) گاجي کهاوڙ ۾ ڳوٺاڻن پنهنجي 25 ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ڳوٺ رحمون کوسو جي رهواسين تاج محمد کوسو، ٻاجهي کوسو، خادم کوسو، لطف کوسو، عبدالمجيد کوسو، عبدالنبي کوسو ۽ ٻين پنهنجي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪيو آهي ۽ پوليو جي ٽيم کي واپس موڪلي ڇڏيو آهي. اهڙي صورتحال تي ڀٽائي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي تاج محمد کوسو، ٻاجهي کوسو ۽ خادم کوسي چيو ته اسان نصيرآباد اسپتال ڪتي واري وئڪسين لاءِ وياسين پر وارھ ۽ نصيرآباد اسپتال وارن ڪتي واري وئڪسين نه ڏني ۽ اسان وياج تي پئسه وٺي ٻاهران اسٽور تان پئسن تي ڪتي واري وئڪسين لڳرائي ۽ هي پوليو وارن جو وارھ ۽ نصيرآباد اسپتال ۾ رويو سهي نه هيو ۽ هاڻي وري پوليو جا ڦڙا پيارڻ آيا آھن تي اسان انڪار ڪري بائيڪاٽ ڪيو آهي. جڏهن ته 25 ٻار آھن کي پوليو جا ڦڙا نٿا پياريون جيڪڏهن هنن جي ايڏي اسان سان همدردي آھي ته وارھ اسپتال جو ايم ايس غلام عباس ڪهيري ۽ نصيرآباد اسپال جو ايم ايس تبسم عباسي ڪتي چڪ واري وئڪسين ڇو نٿا ڏين ۽ اڃا به ڪورس رهيل آھي پر وئڪسين واره اسپتال ۽ نصيرآباد اسپتال وارا نٿا ڏين. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڪتي چڪ واري وئڪسين مهيا ڪن ۽ پئسه واپس ڏياريا وڃن پوء ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارينداسين.