گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ شهر جي واپاري اڳواڻن عبدالطيف شيخ، عبدالستار شيخ، عرفان علي ميمڻ،  شفقت حسين شاهه ٻين گڏجي پريس ڪلب پهچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته شهر جي شيخ پاڙي جو رهواسي منير احمد شيخ جيڪو پاڻ کي قادر مگسي سڏائي سندس نالي تي ڀتو گهريو آهي، نه ڏيڻ تي واپاري عبدالستار شيخ کي بليڪ ميل ڪندي هرسان ڪري ليگل نوٽيس موڪليو آهي. هو جان جو ويري بڻجي ويو آهي ۽ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. هنن چيو ته ثبوت پڻ اسان وٽ موجود آهن. واپارين مطالبو ڪيو ته ڀتو گهرندڙ جوابدار خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪنداسين، هوڏانهن ايس ٽي پي مرڪزي اڳواڻ شفقت مهيسر ٻڌايو ته واپاري کان منير احمد شيخ قادر مگسي جي نالي تي ڀتو گهرڻ واري معاملي تي واپاري شڪايت کڻي مون وٽ آيا هئا، جن سان ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي فون تي ڳالهه ٻولهه ڪرائي هئي. جنهن اهڙي معاملي جي ترديد ڪندي واپارين کي ٻڌايو ته منير احمد شيخ جو ايس ٽي پي سان ڪو به تعلق نه آهي. واپاري سندس خلاف سخت قدم کڻن.هوڏانهن الزام هيٺ آيل منير احمد شيخ  ٻڌايو ته آئون اويڪيو ٽرسٽ ۾ اسسٽنٽ مختيار آهيان، عبدالستار شيخ اويڪيو جي زمين رجسٽرڊ ڪرڻ لاءِ  زور ڀريو هو، انڪار ڪرڻ تي ڪوڙا الزام لڳائي رهيا آهن.