لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي آريجا ڦيڙهو ٿاڻي جي حد ڳوٺ قلي بخش عمراڻي جي زرعي زمين ۾ وڻ ۾ 22 ورهين جي نوجوان جو ڦاهو کاڌل لاش ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڏنو.سڃاڻپ منور آباد واسي احسان پٽ غلام قادر ميراڻي طور ٿي. وارثن ٻڌايو ته احسان ميراڻي فرنيچر جو ڪاريگر هو جنهن پنهنجي امڙ جو رئو گهر مان کڻي هتي اچي اهڙو قدم کنيو آهي، خبر ناهي ته هن ڪهڙي سبب جي ڪري اهڙو قدم کنيو آهي. پوليس موجب شروعاتي جاچ ۾ واقعو خودڪشي لڳي رهيو آهي.نوجوان جي جسم تي تشدد يا ڌڪ جا ڪي به نشان ناهن .وارثن پوسٽ مارٽم به نه ڪرايو،واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪري رهيا آهيون. هوڏانهن نوجوان جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.لاش گهر پهچڻ تي ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو.