ڪوٽڙي(رپورٽر) ڪوٽڙي ۾ ڏينھن ڏٺي جو مين نيشنل ھاء تي قائم نجي بئنڪ مان لکين روپين جي ڦر ڪئي وئي. ان ڏس  ۾ مين قومي شاهراهه روڊ تي قائم قرض ڏيندڙ نجي بئنڪ مان اڻڄاتل ھٿياربند بئنڪ ۾ داخل ٿي ھٿيارن جي زور تي بئنڪ عملي کي يرغمال بڻائي بئنڪ لاڪر ٽوڙي ساڍا پنج لک روپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا، ڦورن پاران بينڪ ۾ موجود عملي ۽ گراهڪن کان پڻ روڪ رقم ۽ موبائل فون به ڦريا ويا. اطلاع تي پوليس پھچي جانچ شروع ڪري ڇڏي. بئنڪ ۾ موجود آفيسر سنيل ڪمار ٻڌايو ته ٽي اڻڄاتل ھٿياربند بئنڪ ۾ داخل ٿي بئنڪ عملي کي يرغمال بڻائي ھٿيارن جي زور بئنڪ جي لاڪر ۾ پيل ساڍا پنج لک روپيا ڦر ڪري ويا آھن جڏھن ته عملي جا موبائيل فون پڻ ڦر ڪري ويا آھن.