نوابشاهه (بيورو رپورٽ) نوابشاهه ۾ پرائيويٽ اسڪولز ۾ منشيات واپرائڻ، جنسي هراسمينٽ ۽ جسماني تشدد جي حوالي سان سيمينار ٿيو، ان موقعي تي خطاب ڪندي رافعه جاويد چيو ته پرائيويٽ تعليمي ادارن ۾ ھن وقت تائين منشيات واپرائڻ جا ڪي به ڪيس رپورٽ ناھن ٿيا، ھن چيو ته پرائيويٽ اسڪولن ۾ جسماني تشدد جي حوالي سان قانون سازي ٿيل آھي ۽ 10 کان 12 سال سزا ۽ ڏنڊ مقرر ٿيل آھي، ھن چيو ته اڳ ۾ استاد جي مار جو تصور اھو ھوندو ھو ته ٻار کي مارڻ ٻار کي سنوارڻ ليڪن اڄ جي ٻارن ۾ برداشت ناھي ان جي ڪري استادن کي پيار سان پڙھائڻ گھرجي، هن چيو ته پرائيوٽ اسڪولن ۾ سنڌي نه پئي پڙهائي وڃي، صوبائي وزير تعليم جي هدايتن تي هن وقت ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف پرائيوٽ اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائي پئي وڃي، سيمينار کي ممتاز شاهه خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت پاران مليل هدايتن تي ڀرپور طريقي سان عمل ڪرايو ويندو، ۽ گهر گهر وڃي استادن ۽ ٻارڙن جي والدين سان جاڳرتا گڏجاڻيون ڪيون وينديون، آخر ۾ تقرير ڪندڙ شاگردياڻي رانيعه نبيل ۽ بهترين ٽيبلوز پيش ڪندڙ ثنا امجد، فرحان سهيل، شاڪر ۽ ٻين کي انعام ڏنا ويا.