نئون ديرو(ن  پ ا) بوائز ڊگري ڪاليج نئون ديرو ۾ سائنسي نمائش جو ڊائريڪٽر ڪاليجز احمد بخش ڀٽو افتتاح ڪيو، جڏهن ته ڪاليج جي پرنسپال محمد عتيق سومرو آيل مهمانن کي آجياڻو پيش ڪندي سنڌ جي ثقافتي سوکڙي اجرڪ اوڍايا. مهمانن فوٽو سنٿيسس، انساني دل، پيشاب جي سرشتي، فنگي، ايڪو سسٽم، ايڇ آءِ وي وائرس، ساهه کڻڻ جي سرشتي، ٻوٽن ۽ جانورن جي جيو گهرڙن، ڪاربان، پاڻيءَ جي ڦوهاري سميت نمائش لاءِ تيار ڪيل ٻيا ماڊل ڏسي شاگردن کان انهن جي ڪم بابت  تفصيل معلوم ڪيا. مهمانن ۽ استادن جو چوڻ هو ته سائنسي نمائش لاءِ شاگردن گهڻي محنت ڪئي آهي. مستقبل هو سٺا سائنسدان، استاد، ڊاڪٽر، انجنيئر ثابت ٿي سگهن ٿا. شاگردن جو چوڻ هو ته تجرباتي ڪم ڪري ڄاڻ ۾ گهڻو اضافو ٿي رهيو آهي، اهڙ پروگرام ٿيڻ گهرجن. ان موقعي تي پروفيسر تاج محمد ڳچل، سرفراز سومرو، نعمت چنو، در محمد، آصف سومرو، محمد عقيل، فدا حسين ميراڻي ۽ ٻيا پڻ شريڪ هئا.