ڪراچي(م ڊ) آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽوئيٽر اڪائونٽ جي بحالي جي راهه هموار ٿي وئي، سروي ۾ 52 سيڪڙو ماڻهن ٽرمپ جو اڪائونٽ بحال ڪرڻ جي حق ۾ راءِ ڏئي ڇڏي. ٽوئيٽر جي نئين سربراهه ايلون مسڪ صارفين کان راءِ طلب ڪئي هئي ته ٽرمپ جو اڪائونٽ بحال ڪيو وڃي يا نه ان جي جواب ۾ سڄي دنيا مان هڪ ڪروڙ 24 لک 74 هزار 206 ماڻهن ووٽ ڏنا جن مان 52.3 سيڪڙو ماڻهن بحال جي حق ۾ ۽ 47.7 سيڪڙو ماڻهن خلاف ووٽ ڏنو. اڪثريت جي بنياد تي ٽرمپ جي ڪائونٽ جي بحالي جو امڪان آهي.