ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ملير ۾ بيدردي سان قتل ٿيل  شهيد ناظم جوکيو ڪيس ۾ نئون موڙ: جوابدار سليم سالار جو ڪيس مان نالو  خارج،  ان ڏس ۾ ڪالهه ايڊيشنل سيشن جج ملير ۾ ناظم جوکئي جي وارثن پاران جوابدارن سان ٺاهه واري درخواست جي ٻڌڻي دوران  پ پ ايم پي اي ڄام اويس گهرام ڊگهي عرصي کانپوءِ پيش ٿيو، جوابدارن جي وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي سرڪاري وڪيل کان دليل طلب ڪري ورتا، ٻئي طرف جوابدار سليم سالار مقتول جي وارثن سان صلح ڪرڻ کانپوءِ جوابدارن واري لسٽ مان نالو ڪڍڻ جي درخواست داخل ڪندي چيو ته آئون بيگناهه آهيان، مونکي ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ بيگناهه ڦاسايو ويو هو، عدالت جوابدار سليم سالار جو نالو جوابدارن جي لسٽ مان خارج ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 3 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت ايندڙ ٻڌڻين ۾ ڄام اويس سميت 5 جوابدارن جي صلح جي درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي، جڏهن ته باقي 4 جوابدارن خلاف ڪيس هلندو.