ڪراچي(م ڊ) ميهڙ جي ٽيڻي قتل ڪيس بابت جوابدار ڌر تي فرد جرم لاڳو ٿيڻ بعد ٽائيم نيوز اشو کي پنهنجي ٽاپ اسٽوري ۾ رکيو، ام رباب ۽ برهان خان چانڊيو 45 منٽ تائين هڪ ٻئي جي الزامن توڙي سوالن جا جواب ڏنا ۽ بنهي ۾ منهن ماري به ٿي. ايم پي اي برهان چانڊيو چيو ته فرد جرم ۾ ڪوڙا الزام مڙهيا ويا آهن، واقعي واري ڏينهن ٽنڊو محمد خان ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي تقريب ۾ شريڪ هيس بلاول ڀٽو کي پٽڪو پڻ پهرايو هو، هن وڌيڪ چيو ته  مون وٽ ان ڳالهه جا وڊيو ثبوت به موجود آهن، جنهن تي ام رباب چيو ته برهان چانڊيو غلط بياني پيو ڪري، هو واقعي واري ڏينهن ميهڙ ۾ موجود هو، عدالت برهان چانڊيو جا ثبوت رد ڪري چڪي آهي، عدالت هن جي موبائيل لوڪيشن کي اهو چئي رد ڪيو هو ته موبائيل فون هڪ مشين آهي جيڪو ڪنهن انسان جي باڊي جو حصو ناهي، سردار ڀائر قاتل آهن، جنهن تي برهان چانڊيو چيو ته ام رباب جو پيءُ، چاچو ۽ ڏاڏو ذاتي جهيڙي ۾ مارجي ويا، قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار ذوالفقار چانڊيو ام رباب جي چاچي ۽ فرياديءَ جو ويجهو مائٽ آهي، اُم رباب ليڊر ٿيڻ لاءِ اسان جي مٿان الزام لڳايا آهن. اُم رباب چيو ته واقعو سردار ڀائرن جي چوڻ تي ٿيو، ڪو به قاتل پاڻ کي قاتل نه چوندو آهي، هڪ ننڍڙي چور کان ڪير پڇندو ته هو چوندو مون چوري ناهي ڪئي، سردار ڪجهه به ڪن قانون جي پڪڙ کان هاڻي نه بچي سگهندا. برهان چانڊيو ڪيترا ڀيرا حديث بيان ڪئي، جنهن وقت ام رباب چانڊيو هڪ هنڌ لفظ بڪواس استعمال ڪيو ته برهان چانڊيو چيو ته مان ادي چئي ڳالهائي رهيو آهيان پر انهن جو اخلاق جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. نيوز اينڪر کي جنهن وقت برهان چانڊيي چيو ته اوهان ئي فيصلو ڪيو جنهن تي مهتاب نور چيو ته فيصلو عدالت ڪندي اسين ته ٻنهي ڌرين جو موقف پنهنجي ناظرين آڏو آڻي رهيا آهيون، ٻنهي ڌرين جي تلخ جملن تي ٽائيم نيوز جي نيوز اينڪر مهتاب نور ٻنهي کي ٿڌو ڪيو.