سکر: شاهه لطيف يونيورسٽيءَ ۾ ڀرتين جي حوالي سان رابطو ڪرڻ تي اداري جي ترجمان پروفيسر ڊاڪٽر تاج محمد لاشاري ٻڌايو آهي ته اڃا ڀرتيون ناهن ٿيون، صرف سليڪشن ڪاميٽي جون سفارشون تيار ڪيون ويون آهن، جيڪي به ڳجھيون رکيون ويون آهن، جيڪي قاعدن ۽ ضابطن موجب سينڍيڪيٽ ۾ منظوري لاءِ اماڻيون وينديون، سينڍيڪيٽ ڀرتيون ڪرڻ نه ڪرڻ، قابليت، معيار سميت سمورن معاملن جو جائزو وٺندي. هن وقت تائين ٿيل سمورو مرحلو قاعدن، ضابطن ۽ هيڪ جي پاليسي تحت ئي مڪمل ڪيو ويو آهي. لڳايل الزامن ۾ ڪا به صداقت ناهي.