سکر: شاھ عبداللطيف يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسيئيشن (سلوٽا) جي صدر پروفيسر اختيار علي گهمري ڄاڻايل مامري متعلق چيو آهي ته يونيورسٽي انتظاميا جيڪا مذمتي ۽ وضاحتي بيان جاري ڪرڻ ۾ تڪڙي، مشھور آھي ان کي گھرجي ته ميڊيا ۾ گذريل سليڪشن بورڊ جي حوالي سان ھلندڙ خبرن تي پنھنجو آفيشل موقف جاري ڪري. هن وڌيڪ چيو ته ڪير مقرر ٿيو، ڪير نه ٿيو، اھا خبر صرف انتظاميا وٽ آھي. ڇوته جيسيتائين سينڊيڪيٽ اجلاس ان سليڪشن بورڊ جي منظوري نٿو ڏئي تيستائين ان حوالي سان ڪابه ڳالهه يقين سان نٿي ڪري سگهجي. ٻئي پاسي سلوٽا طرفان  يونيورسٽيءَ جي ٽنھي ايسوسيئيشنز (استادن، ملازمن ۽ آفيسرز جي ايسوسيئيشن) گڏيل طور تي فيصلو ڪيو آهي ته سڀاڻي 10 بجي صبح کان ايڊمن بلاڪ آڏو انتظاميا خلاف احتجاج ڪيو ويندو.