شهدادڪوٽ: شھري ايڪشن ڪاميٽي جي صدر محمد حسن بروهي، بار ايسوسيئيشن صدر ايڊووڪيٽ محمد يوسف مگسي، شھري اتحاد جي صدر عبدالوھاب پندراڻي، ايس ٽي پي  اڳواڻ امداد سومروجو چوڻ هو ته شھر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي.وائيٽ ڪالر ملازم وڏيرن ۽ ڪامورن جي بنگلن تي ڊيوٽي ڪن ٿا.اڳواڻ جو چوڻ هو ته ايڊمنسٽريٽر احمد يار ڪارڙو ۽ ٽي ايم او اسرار مگسي ڪرپشن ڪري ميونسپل ڪاميٽي جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي.اعلي عملدار ڪرپشن جي جاچ ڪرائي شھر جي صفائي ڪرائن.شھري اتحاد جي صدر عبدالوھاب پندراڻي چيو ته اسان جو مطالبو آهي ته شھر جي فوري طور تي صفائي ڪرائي وڃي ۽ شھر جي روڊ رستن تان ڪنو ۽ گندو پاڻي ڪڍرايو وڃي ته شھري سک جو ساھ کڻي سگھن.ايس ٽي پي اڳواڻ امداد سومرو چيو ته صفائي نه ٿيڻ ڪري شھر ۾ مليريا ، گيسٽرو جي بيماري ڦھلجي رهي آهي.