ٽنڊو محمد خان ( رپورٽر ) ٽنڊو محمد خان ۾ اين آئي سي وي ڊي اسپتال ۾ داخل مريضن جي عزيزن جي رهائش لاءِ اسپتال ٻاهران الڳ مسافر خانو تعمير ڪرايو ويو آهي جنهن ۾ مريضن جا عزيز مرد ، عورتون ۽ ٻارڙا محفوظ رهندا ، عوام جي تڪليفن کي  مد نظر رکندي مسافر خانو قائم ڪيو ويو آهي ، ٽنڊو محمد خان جي اين آئي سي وي ڊي اسپتال جي نئين تعمير ٿيندڙ مسافر خاني جي افتتاح ڪرڻ کانپوءِ سنڌ حڪومت جي آءِ ٽي شعبي جي صلاحڪار سيد زين العابدين شاھ ميڊيا کي پريس بريفنگ ڏيندي ٻڌايو آهي ته اين آئي سي وي ڊي اسپتال ۾ پهچندڙ دل جي تڪليف ۾ مبتلا ماڻهن کي بروقت صحت جي سهوليت ڏني پئي وڃي ، محدود بجيٽ هوندي به پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران ڏنل هدايتن تحت سنڌ ۾ اين آئي سي وي ڊي اسپتال ۾ هزارين ماڻهو سهوليت حاصل ڪري رهيا آهن.