ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ اين آءِ سي وي ڊي مان برطرفي خلاف ڊاڪٽر طارق شيخ پاران داخل ڪيل درخواست رد ڪري ڇڏي، ٻڌڻي دوران  اين آءِ سي وي ڊي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته درخواستگذار کي سيپٽمبر 2016ع تي اسٽاف آفيسر جي حيثيت سان مقرر ڪيو ويو هو، ڊاڪٽر طارق شيخ جي حوالي سان غير حاضري جون شڪايتون هيون، 2019ع ۾ ڊاڪٽر طارق شيخ اسپتال اچڻ ئي ڇڏي ڏنو هو.