زين العابدين شاهه

پيدائشي دِل جي بيماري سي ايڇ ڊي، دِل جي خرابي يا نَون ڄاول ٻارن ۾ موجود  معذوري، هڪ اصطلاح آهي، جيڪو والدين ۾ خوف پيدا ڪري ٿو، جن جا ٻار متاثر ٿين ٿا. پيدائشي دل جي بيماريءَ جو تعلق اڪثر ڪري ناقابلِ برداشت طبي خرچن، هنگامي حالتن ۽ مُسلسل پريشانيءَ سان لاڳاپيل آهي. پاڪستان ۾ سي ايڇ ڊي جي بلند ترين عالمي شرح مان هڪ آهي، جيڪو غير متناسب طور تي غريبن کي متاثر ڪري ٿو. غذائيت جي کوٽ، ڳورهاري عورت  جي غير مناسب صحت ۽ هر هر حمل ٿيڻ جهڙا عمل ان جي پکڙجڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. پاڪستان ۾ هر سال 60,000 نون سي ايڇ ڊي ڪيسن سان گڏ اڪثر ڪري مريضن کي پهرين ٻاهرين ملڪ علاج ڪرائڻو پوندو هو. اڪثر ڪري پاڙيسري ملڪن جهڙوڪ: ڀارت ۾، ٻين صوبن جي سرڪاري ادارن وٽ طريقيڪار تحت عام طور تي 6 کان 12 مهينن جي انتظار جون لسٽون هونديون آهن. صدر آصف علي زرداريءَ جي 18 هين ترميم تي صحيح ڪرڻ کان پوءِ 2015ع ۾ سنڌ حڪومت اين آءِ سي وي ڊي پروگرام جو ڪنٽرول سنڀاليو، ڊاڪٽر نديم قمر کي نئون ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ اسپتال جي ٻارن جي شعبي ۾ انقلابي  تبديليون آيون آهن، اين آءِ سي وي ڊي هاڻي پاڪستان ۾ ٻارن جي دل جو واحد جامع مرڪز آهي. گذريل پنجن سالن ۾، تقريبن 600,000 ٻارن جو علاج ڪيو ويو  آهي، جيڪو پوري دنيا ۾ ڪنهن به اداري جي لاءِ هڪ غير معمولي تعداد آهي.

جديد ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال ڪندي، ٻين صوبن جي ٻارن جي اسپتالن جي مقابلي ۾، اين آءِ سي وي ڊي  اسپتالن ۾  هڪ هفتي اندر نازڪ مريضن ۽ هڪ کان ٻن مهينن اندر اعتدال سان مستحق مريضن جو علاج ڪري ٿو. قابلِ ذڪر ڳالهه اها آهي ته، اهي سڀئي خدمتون مڪمل طور تي مفت آهن، جڏهن ته خانگي اسپتالون سراسري طور تي 10 لکن کان  20 لک رپيا في مريض وصول ڪن ٿيون. هِي ادارو سڄي ملڪ ۾ خدمتون سرانجام ڏئي ٿو، سي ايڇ  ڊي  جا 50 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪيس سنڌ کان ٻاهريان آهن، جن ۾ بلوچستان، لوئر پنجاب ۽ خيبر پختونخوا شامل آهن. اين سي آءِ وي ڊي اطفال شعبي ۾ ايران، افغانستان، متحده عرب امارات ۽ اومان جي مريضن جو به علاج ٿيو آهي. پيڊياٽريڪ ڪارڊيالوجي جون جامع خدمتون پيش ڪندي، اين آءِ سي وي ڊي تشخيص کان علاج تائين سڀ ڪجهه فراهم ڪري ٿو. انهن خدمتن ۾ 24/7 پيڊياٽرڪ ايمرجنسي سروسز، اوپن هارٽ سرجري،  انٽروينشن، ڪيٿيٽرائيزيشن، ايڪو ۽ فيٽل ايڪو سروسز شامل آهن، ڪراچي، حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان ۽ سکر ۾ مڪمل خدمتون دستياب آهن. جڏهن ته مٺي، لاڙڪاڻو، نوابشاهه، خيرپور ۾ سيوهڻ ۽ لياري ۾ او پي ڊي، ايمرجنسي ۽ ايڪو سروسز  مهيا ڪيون وينديون آهن، اين  آءِ سي وي ڊي نيٽ ورڪ، سي ايڇ ڊي رجسٽري پروگرام کي لاڳو ڪيو آهي. سي ايڇ ڊي جي تاريخ واري خاندانن جو اندراج، ۽ زچگي جي اسڪريننگ، تشخيص ۽ مشاورت جي پيشڪش ڪئي آهي. هن سان  حامله مائرن ۾ علامتن جي جلد سڃاڻپ ٿي سگهي ٿي ۽ روڪٿام جي قدمن جي حوصلا افزائي ڪري سگھجي ٿي. هي  نيٽ ورڪ سيمينارن ۽ ليڪچرن ذريعي سڄي صوبي جي جنرل پريڪٽشنز ۽  ٻارن جي بيمارين جي ماهرن کي تعليم ۽ تربيت پڻ ڏئي ٿو.ان کان علاوه، 300 بسترن تي مشتمل پيڊياٽرڪ ڪارڊيالوجي جي عمارت في الحال تعمير هيٺ آهي ۽ اميد آهي ته 2 سالن اندر آپريشنل ٿي ويندي، مريض جي صلاحيت ۾ نمايان اضافو ۽ انتظار جي وقتن کي گهٽائڻ، هلندڙ سالن ۾ اين آءِ سي وي ڊي نيٽ ورڪ طرفان ڪيل قابل ذڪر اڳڀرائي پاڪستان ۾ پيدائشي دل جي بيمارين کان متاثر ٿيل بيشمار خاندانن کي اميد ۽ سڪون فراهم ڪيو آهي. اين آءِ سي وي ڊي رسائي لائق، جامع ۽ مفت علاج جي پيشڪش ڪري  ٻارن ۽ انهن جي خاندانن لاءِ اميد جو ڪرڻو بڻجي چڪو آهي،