ننگرپارڪر (رپورٽ: فيض کوسو) ننگرپارڪر شهر جو 7 مهينا اڳ افتتاح ڪيل واحد سارنگا لوڪ ٻيسڻو پارڪ” ٽائون ڪاميٽي انتظاميا جي بي ڌياني سبب اجڙي ويو آهي، پاڻي نه ملڻ سبب سائي ڇٻر سڪي وئي، جڏهن ته پارڪ جي ساوڪ ۽ خوبصورتي ڏينهون ڏينهن ختم ٿيندي پئي وڃي، ٻڌايو پيو وڃي ته پارڪ جي سار سنڀال جي ذميواري ضلعي انتظاميا حوالي هئي ته پارڪ سائو هو، جڏهن ته پ پ ايم پي اي قاسم سراج سومرو طرفان پارڪ جو افتتاح ڪري سارسنڀال جي ذميواري ٽائون انتظاميا حوالي ڪئي وئي ته ته پارڪ اجڙڻ لڳو، ان سلسلي ۾ ٽائون ڪاميٽي جي سار سنڀال لاءِ موجود چوڪيدار محمد خان کوسو ٻڌايو ته ٽائون آفيسر شڪايت ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي، هن چيو ته آئون مسڪين ماڻهو آهيان، 8 مهينن کان پگهار به نه ملي آهي، ان جي باوجود ڊيوٽي تي اچان پيو، هن چيو ته ٽائون وارا پاڻي جا پائيپ ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن، هن چيو ته ٽائون آفيسر هرروز بدلي ٿي وڃن ٿا ان ڪري ڪم نه پيو ٿئي، علائقي جي ساڃاوندن ذوالفقار کوسو، دليپ پرمار، شڪيل جنجهي ۽ ٻين چيو ته انتظامي بي ڌياني سبب پارڪ تباهه ٿي رهيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پارڪ بچايو وڃي.