ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ صحت کاتي پاران ٻارڙن جي بيمارين جي وڏي اسپتال نيشنل انسٽيوٽ آف چائلڊ يلٿ (اين آءِ سي ايڇ ) جو سربراھ ڊاڪٽر جمال رضا جي رٽائر ٿيڻ کانپوءِ ليئان تي ويل سرجن ڊاڪٽر ناصر سليم سڊل کي واپس آڻي 21هين گريڊ واري ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جي عهدي تي مقرر ڪرائڻ لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب اين آءِ سي ايڇ جو سرجن ڊاڪٽر ناصر سليم سڊل ڪجهه سال اڳ اين آءِ سي ايڇ مان ليئان تي جناح سنڌ ميڊيڪل ڪاليج ۾ اسٽنٽ پروفيسر ٿيو هو، جنهن دوران کيس اتي ئي 21هين گريڊ ۾ پروفيسر طور ترقي ملي هئي، ڊاڪٽرجمال ناصر جي رٽائرمينٽ بعد ڊاڪٽر سڊل کي اين آءِ سي ايڇ ۾ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر واري عهدي تي آڻڻ جون ڪوششون شروع ڪيون ويون آهن، ان ڏس ۾ صحت کاتي جي اختيارين سنڌ سرڪار کي ڊاڪٽر سڊل کي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. ذريعن موجب ليئان تان واپس ايندڙ ڊاڪٽرن ۽ ڪامورن کي ساڳين پراڻن گريڊن ۾ آندو ويندوآهي جنهن گريڊ تان هُو ليئان وٺي ويندا آهن. ٻئي طرف 4 مئي تي رٽائر ٿيل ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جمال رضا اڃا چارج ناهي ڇڏي.