حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي نئون مڪينزم جوڙڻ ائين ڪاروهنوار روڪڻ وارو فيصلو برقرار رکندي 19 مئي تي ڌرين کي عدالت ۾ رپورٽ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. درخواست تي ٻڌڻي جسٽس ذوالفقار احمد خان ۽ جسٽس محمد سليم جيسر تي مشتمل ڊويزن بئنچ ڪئي. عدالت اَي اَي جِي کان پڇيو ته ڇا عدالت پاران ڪاروهنوار روڪڻ بعد هيستائين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران ڪو نئون مڪينزم جوڙيو ويو آهي؟ اي اي جي عدالت کي آگاهي ڏني ته هڪ درخواست گذار ليڊي ڊاڪٽر سبب هڪ لک 60 هزار اميدوار متاثر پيا ٿين جڏهن ته ليڊي ڊاڪٽرن پاران داخل درخواست ۾ نئين مڪينزم جوڙڻ بابت پريئر ۾ ڪجهه به واضح طور لکيل نه آهي. هن رڳو نظرانداز ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي هئي جيڪو مسئلو عدالتي حڪم بعد ترجيح بنيادن تي حل ڪيو ويندو ان لاءِ عدالت فيصلي تي نظرثاني ڪري. جسٽس ذوالفقار احمد خان رمارڪس ڏنا ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي غير شفافيت سبب هونئن ئي سموري سنڌ پئي سفر ڪري، اوهان ته هڪ لک 60 هزار اميدوارن جي ڳالهه پيا ڪريو، هي سنڌ جي مستقبل جو سوال آهي جيڪڏهن اوهان عدالتي فيصلي بعد اداري ۾ شفافيت آڻڻ لاءِ ڪو نئون مڪينزم جوڙيو آهي ته اهو عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، باقي عدالت جيڪو فيصلو ڪيو هو اهو برقرار رهندو. عدالت اي اي جي کي مخاطب ٿيندي اهو به چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۽ اوهان کي جيڪڏهن هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي اعتراض آهي ته ڀلي سپريم ڪورٽ ۾ وڃو. جيستائين اداري ۾ شفافيت آڻڻ لاءِ نئون مڪينزم نه جڙندو اوستائين سمورو ڪاروهنوار رڪيل رهندو. ٻڌڻي دوران ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي بار بار اپيل ڪندو رهيو ته 11 مئي کان عيد جون موڪلون ٿي وينديون ان لاءِ اڄ ڊويزنل بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي رکي ته جيئن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرمين، ڪنٽرولر ۽ سيڪريٽري سميت لاڳاپيل عملدار پيش ٿي پنهنجو موقف بيان ڪري سگهن. ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل جي بار بار استدعا بعد جسٽس ۽ اي اي جي وچ ۾ دلچسپ جملن جي به ڏي وٺ ٿيندي رهي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ ڪيس جي ٻڌڻي 19 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.