تنگواڻي ۾ ارڙي وڌيڪ هڪ معصوم جي حياتي کسي ورتي

0
308

تنگواڻي (ن پ ا) تنگواڻي ۾ ڏائڻ ارڙي وڌيڪ هڪ معصوم جي حياتي کسي ورتي، ڳوٺ بائونٽ جعفري ۾ مزمل پٽ عالم جعفري ارڙي وگهي فوت ٿي وئي، تعلقي ۾ فوتين جو انگ 10 ٿي ويو، شهر ۽ آسپاس جي علائقن ۾ ڪيترائي معصوم ٻارڙا ارڙي ۾ مبتلا آهن، ان باوجود صحت کاتي تعلقي ۾ ڪي به خصوصي اپاءُ نه ورتا، جڏهن ته ڳوٺاڻن ۽ شهرين ۾ ڳڻتي جي لهر پکڙيل آهي، ارڙي وگهي ڏهاڪي ۾ اقرا، شبانا، فاطمه، غلام النبي، عبيدالله، تنريزا ۽ عائشه سميت 10 ٻارڙا فوٿي ٿي ويا،ڳوٺاڻن پاران صحت کاتي جون ٽيمون اماڻي چڪاس ۽ علاج جو مطالبو ڪيو ويو آهي.