ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ پوليس جا 3 آفيسر اينٽي انڪروچمينٽ فورس ۾ 10 سالن کان ڊيپوٽيشن تي مقرر هجڻ جو انڪشاف، آءِ جي آفيس طرفان 2 دفعا خط لکڻ باوجود آفيسرن کي رليو نه ڪيو ويو، آءِ جي طرفان ڊائريڪٽر کي ٽنهي آفيسرن کي فوري طور رليو ڪرڻ جي هدايت، ان ڏس ۾ مليل معلومات موجب آءِ جي سنڌ جي آفيس پاران اينٽي انڪروچمنٽ فورس جي ڊائريڪٽر طارق ڌاريجو کي خط لکي چيو ويو آهي ته ڊيپوٽيشن تي مقرر سنڌ پوليس جي 3 آفيسرن انسپيڪٽر سهيل اختر، علي حسن ۽ فياض کي رليو ڪري سي پي او ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وڃي واضح رهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم موجب ڊيپوٽيشن تي مقرري جو عرصو 3 سال آهي، ڄاڻايل آفيسرن نه رڳو پنهنجو مدو پورو ڪيو آهي پر اهي اينٽي انڪروچمينٽ فورس ۾ 2011ع کان ڊيپوٽيشن تي آهن، واضح رهي ته طارق ڌاريجو گذريل مهيني ٽنهي آفيسرن جو 3 مهينا مدو وڌائڻ لاءِ آءِ جي سنڌ کي خط لکيو هو،