ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ سرڪار جي دانشمندي سبب هتي ڪورونا جي ٻين صوبن جهڙي حالت ناهي، ڪالهه پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد جي بيان تي رد عمل ۾ جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته سنڌ پاڪستان جو واحد صوبو آهي، جنهن ڪورونا لاءِ الڳ اسپتال قائم ڪئي، ڪراچي ۾ قائم انفڪيشن ڊزيز جهڙيون اسپتالون ٻين ڊويزنن ۾ به قائم ڪنداسين، هن چيو ته سنڌ حڪومت بجيٽ جو وڏو حصو ڪورونا جي مريضن تي خرچ ڪيو ، اسپتالن ۾ خاص وارڊ قائم ڪيا، ڪورونا ويڪسين جي خريداري لاءِ به ڏيڍ ارب رپيا رکيا آهن، هن چيو ته پنجاب جي صحت واري وزير سنڌ تي تنقيد ڪرڻ بدران پنهنجي صوبي ۾ صحت جون سهولتون بهتر ڪري، وفاقي حڪومت جيڪڏهن سنڌ جي تجويزن تي عمل ڪري ها ته صورتحال بهتر هجي ها، هن چيو ته سنڌ جي اسپتالن ۾ آڪسيجن ۽ وينٽيليٽرن سميت ضرورت جو سامان موجود آهي. هوڏانهن ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات جو صوبائي وزير ناصر حسين شاهه مزار قائد ڀرسان ڌرڻو هڻي ويٺل شيعا مسنگ پرسنز جي گهرڀاتين سان ملاقات ڪري کين ڌرڻو ختم ڪرڻ جي اپيل ڪئي.